شير شاهه ۽ همايون

شير شاهه ۽ همايون

شير شاهه ۽ همايون

شير شاهه ۽ همايون (ڪتاب): هن اسلامي ۽ تاريخي ناول جو مصنف محمد عثمان ڏيپلائي آهي، جيڪو سندس اسلامي سلسلي جي ناولن مان هڪ اهم ناول آهي. هن ناول جو پهريون ڇاپو فيبروري 1945ع ۾ ڇپيو هو، جيڪو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ناول ۾ ڏيپلائي صاحب لکي ٿو ته، “شير شاهه سوريءَ جو ذڪر نصابي تاريخن ۾ تمام مختصر اچي ٿو، ڪن تمام ٿورن صاحبن کي معلوم هوندو ته همايون ڇو بغاوت ڪئي، ڪيئن ڪامياب ٿيو ۽ ڪهڙي طرز سان حڪومت هلايائين. ان ڪري مون مناسب ڄاتو ته اهي حالات تاريخي روشنيءَ ۾ دلچسپ طرز سان پيش ڪريان.”
هن ڊيمي سائيز جي 36 صفحن تي مشتمل ناول جي قيمت 32 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو